پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 66 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3974 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 57 هزار 460 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 3974 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ان دوران هاڪاري ڪيسن شرح 6.91 سيڪڙو رڪارڊ وئي.