ڪوئيٽا ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، 3 اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا ۾ مستونگ روڊ تي آپگهاتي حملي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پوليس اختيارين موجب ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ سي ايم ايڇ ۽ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جو ٽارگيٽ سيڪيورٽي اهلڪار ئي هئا.

هوڏانهن سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته آپگهاتي حملو مستونگ روڊ تي سوهنا خان ايف سي چيڪ پوسٽ تي ٿيو، جنهن ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

سندس چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ موجود آهن ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن وزيراعظم عمران خان واقعي جي مذمت ڪندي شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

Read Previous

ٽاس تي عهدا وٺندڙ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ بيان بازي پيا ڪن: مريم اورنگزيب

Read Next

”گيلاني جو مڙهه کسڻ ۽ گهر ڀاتين خلاف ڪيس ڀارتي فاشزم جو شرمناڪ مثال آهي“

Most Popular