رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو.

اڳوڻو ڪپتان ۽ ناليوارو ڪمينٽريٽر رميز بنا مقابلي پي سي بي جو 36هين چيئرمين چونڊجي ويو، عبدالحفيظ ڪاردار، جاويد برڪي ۽ اعجاز بٽ کانپوءِ هو چوٿون ڪرڪيٽر ۽ ٽيون اڳوڻو ڪپتان آهي، جنهن ڪرڪيٽ بورڊ سربراهه طور چارج سنڀالي آهي.

نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس جسٽس رٽائرڊ عظمت شيخ طرفان گورننگ بورڊ جي خاص اجلاس ۾ رميز راجا جي ڀيٽ ۾ ڪو اميدوار سامهون نه آيو، جنهن کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر رميز راجا کي ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون سربراهه بڻجڻ جو باقاعده اعلان ڪيو.

گورننگ بورڊ اجلاس ۾ اسد علي خان، جواد قريشي، عاصم واجد جواد، عارف سعيد ۽ عاليا ظفر شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي سي بي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان به اجلاس جو حصو هو.

Read Previous

عمر شريف سڃاڻپ ڪرڻ کان قاصر، دعائن جي اپيل

Read Next

17 سالن ۾ گهر جا 6 ڀاتي قتل ڪندڙ عورت

Most Popular