17 سالن ۾ گهر جا 6 ڀاتي قتل ڪندڙ عورت

عام طور تي جيڪي ڏوهه فلمن ۾ ڏٺا ويندا آهن اهي گهڻي قدر حقيقي زندگي ۾ نظر ناهن ايندا تنهن هوندي به اهڙا ڪيترائي واقعا هوندا آهن جنهن بابت يقين ڪرڻ تي دل مڃيندي ئي ناهي ته ائين به ٿي سگهي ٿو ۽ اهي واقعا فلمي ۽ غير حقيقي لڳندا آهن.

اهڙي ئي قسم جو هڪ واقعو ٻڌي توهان حيران ٿي ويندئو ته ڇا ماڻهو حقيقت ۾ به ائين ڪري سگهن ٿا.

توهان پاڻ ئي اندازو لڳايو ته 14 سالن ۾ پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي زهر ڏئي قتل ڪرڻ کانپوءِ بچي وڃڻ وارو 17 سالن کانپوءِ رڳو هڪ شڪايت تي پڪڙي وڃي ته ڪيڏو نه فلمي لڳندو.

اهو حقيقت ۾ ٿيو آهي هڪ عورت پنهنجي ئي گهر ڀاتين کي 14 سالن ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

اهو ظلم ڀارتي رياست ڪيريلا جي ضلعي ڪاليڪٽ جي رهاڪو عورت جولي اما جوزت ڪيو آهي ۽ قتل ڪرڻ جو اهو سلسلو تڏهن رڪيو جڏهن هوءَ وڌيڪ هڪ قتل ڪري ٽئين شادي جي منصوبابندي ڪري رهي هئي.

اهو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن 2002 ۾ هڪ اڌڙوٽ عمر عورت اناما ٿامس مٽن سوپ پيئڻ کان ڪجهه منٽ پوءِ موت جي منهن ۾ هلي وئي ۽ ان جي وات مان جهڳ نڪري رهي هئي.

گهرڀاتين کي ڪو شڪ نه پيو ڇو ته عورت کي ان کان ڪجهه هفتا اڳ به فوڊ پوائيزن ٿيو هو.

پوليس 17 سالن کانپوءِ شڪ پيو آهي ته عورت کي پهريون ڀيرو مارڻ ۾ قاتل عورت ناڪام وئي هئي جنهن کانپوءِ هن کيس ٻيهر زهر ڏنو.

انکانپوءِ ڪيترن سالن تائين ڪجهه نه ٿيو 2008 ۾ پنهنجي سهري ٽام ٿامس جيڪو هڪ رٽائر سرڪاري ملازم جو موت مقامي پڪوان کائڻ کانپوءِ واقع ٿيو جنهن کي به عورت جولي تيار ڪيو هو.

ٿامس جي اوچتي مرڻ ۽ وڏي عمر جي ڪري سڀني اهو سمجهو هو ته کيس هرٽ اٽيڪ ٿيو آهي.

وري ٽن سالن جي خاموشي کانپوءِ 2011 ۾ جولي جي مڙس روئي ٿامس ماني کائڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي بيمار محسوس ڪيو.

هو باٿروم ويو ۽ اتي ئي مري ويو، هي اهو موت هو جنهن بابت ڪجهه شڪ سامهون آيا.

روئي جو ڀاءُ آمريڪا مان آيو پوسٽ مارٽم جي رپورٽ جو مطالبو ڪرڻ تي ان جي رپورٽ جولي کي پنهنجي ڪهاڻي مٽائڻ تي مجبور ڪيو.

اها رپورٽ روئي جي بيواهه مطلب ته جولي کي ڏني وئي هئي جيڪا هن وارثن کي ٽوڙي مروڙي ٻڌائي هئي.

رپورٽ ۾ زهر ڳوليو ويو هو جڏهن ته جولي جو مڙس جي مرڻ جي حوالي سان اهو موقف هو ته کيس هرٽ اٽيڪ ٿيو.

رپورٽ کانپوءِ جولي خاندان کي ٻڌايو ته روئي مالي مسئلن جي ڪري خودڪشي ڪئي ۽ سڀني کي ان تي راضي به ڪري ورتو ۽ ڪيس اڳتي نه وڌيو.

جڏهن ته روئي جي انڪل امانا ٿامس جي ڀاءُ ميٿيو کي ان تي شڪ هيا ۽ هو لڳاتار چوندو رهيو ته روئي وٽ زهر ڪيئن پهتو.

وري 2014 ۾ ميٿيو به اهڙي ئي حالتن ۾ اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو ميبنه طور تي پاڻي يا شراب ۾ انکي زهر ڏنو ويو، پر ان جي موت کي به دل جو دورو قرار ڏنو ويو، ڪنهن کي به اهو خيال نه آيو ته چئني موتن تي جولي موقعي تي ئي موجود هئي.

ميٿيو کانپوءِ جولي پنهنجي مڙس جي ڪزن شاجو زڪريا وٽ هڪ تقريب ۾ وئي ۽ ان موقعي تي شاجو جي ڏيڍ سالن جي ڌيءَ ايلفيني جي ڳلي ۾ کاڌو ڦاسي پيو جنهن کي ٻن اسپتالن ۾ آندو ويو جتي ڪجهه ڏينهن وينٽي ليٽر تي رهڻ کانپوءِ ٻارڙي به فوت ٿي وئي.

2016 ۾ شاجو جي گهرواري سيلي ان وقت اوچتو فوت ٿي وئي جڏهن هوءَ جولي ۽ پنهنجي مڙس سان گڏ هڪ ڊينٽسٽ وٽ وڃي رهي هئي.

سيلي جي انڪل جيڪو هاڻي سندس پُٽ جي پالنا ڪري رهيو آهي ان چيو ته اسان کي ان وقت ڪو به شڪ نه ٿيو هو.

هن چيو ته جولي ايلفيني جي موت کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي هن خاندان جي ويجهو ٿي هئي، اهي سيلي کي پاڻ سان گڏ ڪيترا ڀيرا وٺي وئي هئي، موت کان ڪجهه مهينا اڳ سيلي ائين ئي اوچتو ڪري پئي هئي، هاڻي اسان کي لڳي ٿو ته ان موقعي تي به انکي زهر ڏنو ويو هوندو ان جو علاج ڪرايو ويو ۽ هوءَ صحيح ٿي وئي.

2017 ۾ جولي شاجو سان شادي ڪري ورتي تڏهن به ڪنهن کي شڪ نه ٿيو جيتوڻيڪ سيلي جو چاچو ان شادي مان خوش نه هو نه ئي انکي ڪو اعتراض هو.

حقيقت ۾ جولي پاڻ کي هڪ مثالي عورت جيان پيش ڪندي هئي، گهروارن ۽ پاڙيسرن سان سٺا لاڳاپا، سٺي گهرواري ۽ ننهن جو ڪردار ادا ڪندي هئي، چرچ وڃڻ، ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ وٺي وڃڻ ۽ ٻيا گهر جا سٺا ڪم ڪندي هئي.

هن سڀني کي ٻڌايو هو ته هوءَ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرار آهي ۽ وٽس هڪ جعلي ڪارڊ به هو.

ان جا ساهرا تعليم يافتا هئا ڪنهن کي به شڪ نه پيو ته هوءَ انهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي.

وڏي عرصي تائين جولي صبح جو گاڏي تي چڙهي گهران نڪري ويندي هئي ۽ گهر وارن کي لڳندو هو ته هوءَ انسٽيٽيوٽ وڃي ٿي اهو به ڳجهه آهي ته هوءَ ايترو وقت ويندي ڪيڏانهن هئي.

پوليس کي به اها هن وقت تائين خبر ناهي پئي ته هوءَ ايترا سال ڪيڏانهن ويندي هئي ۽ جي انسٽيٽيوٽ ويندي هئي ته ڪندي ڇا هئي ڇو ته اتي هوءَ ڪو به ڪم نه ڪندي هئي.

ڪجهه گيراهڪن چيو ته جولي کي ڪينٽين تي ڏٺو ويندو هو پر انتظاميا جو ان حوالي سان چوڻ هو ته انکي ڪڏهن به ڪينٽين تي ناهي رکيو ويو.

جولي جي ٻئي شادي کانپوءِ ان جي اڳوڻي مڙس جي مائٽن کي شڪ پيو خاص طور تي تڏهن جڏهن ان جي وصيت موجب ٽام ٿامس پنهنجو اباڻو گهر جولي جي نالي ڪيو هو.

روئي جي ڀاءُ روجو ٿامس ۽ ڀيڻ رينجي ولسن کي اهو وڏو عجيب لڳو ته ڇو ته انهن جي پيءُ وصيت ۾ ٻن ٻارن جو ذڪر ڪيو پر پنهنجي پُٽ جي بدران پنهنجي ننهن جي نالي ملڪيت ڪئي.

ڪيترن ئي سالن تائين ان معاملي تي شڪ نه ڪيو ويو نه ئي انکي چيلينج ڪيو ويو.

روئي ۽ رينجي وڏي عرصي کان جولي جي هڪ پاڙيسري سان رابطي ۾ هئا ته جيئن خاندان جي حالتن بابت باخبر رهي سگهن.

روجو اڳيان جڏهن وصيت ٻن گواهن جي صحيح سان ملي ته انکي شڪ پيو ۽ ان کي سبب ڄاڻائي روجو پنهنجي ڀاءُ جي موت جي جاچ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي.

حقيقت ۾ اهو چيو ٿو وڃي ته جولي 6 خون ڪيا پر جولي جي گرفتاري روئي جي موت جي ڪري ٿي، پوليس ان کان 2 مهينن تائين جاچ ڪئي ۽ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا جنهن کانپوءِ جولي کي گرفتار ڪيو ويو.

روجو پنهنجي ڀاءُ جي پوسٽ مارٽم جي نقل رپورٽ ورتي ته ان ۾ انڪشاف ٿيو ته سندس ڀاءُ جي پيٽ ۾ کاڌو هو جنهن ۾ سائنائيڊ موجود هئي جڏهن ته انکي ٻڌايو ويو هو مان ماني پچائي رهي هيس ته روئي ڪري پيو هو ۽ مري ويو هو.

روجو ثابت ڪيو ت جولي جي انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪرڻ واري دعويٰ به ڪوڙي هئي.

پوليس 6 لاشن جي قبر ڪشائي ڪرائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته سڀني کي سائنائيڊ زهر ڏنو ويو هو.

گرفتاري کانپوءِ جولي سڀ ڪجهه لڪائي ڇڏيو پوليس وڏي محنت کانپوءِ ثبوت گڏ ڪري ان جي مضبوط دفاع کي توڙيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جولي مڙس سميت گهر جي 6 ڀاتين کي قتل ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.

حيران ڪندڙ اهو اعتراف سامهون آيو آهي ته هن جو چوڻ هو ته هن روئي جي چاچي کي شراب ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو هو.

جولي ٻڌايو ته مڙس کي قتل ڪرڻ کان 2 ڏينهن پوءِ دوست سان گهمڻ وئي هيس  جڏهن ته شاجو زڪريا کي به قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ٽئين شادي ڪري سگهان پر ناڪام رهيس.

هن چيو ته جانسن جي گهرواري کي به زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر خوشقسمتي سان هن اهو کاڌو ئي نه کاڌو هو.

جولي جي مڙس شاجو ٻڌايو ته گهرواري جي پراڻي زندگي يا ڪردار جي باري ۾ مونکي ڪا به خبر نه هئي.

جولي خاندان جا ٽي قتل تي ملڪيت ماڻڻ لاءِ ڪيا پر ميٿيو جو قتل انتي شڪ جي ڪري ڪيو ويو.

جڏهن ته شيلي ۽ ايلفيني جي قتل جو سبب شاجو سان شادي کي يقيني بڻائڻ هو.

جولي کي 2019 تي 2 ٻين جوابدارنن ايم ميٿيو (جنهن زهر فراهم ڪيو) ۽ پراجو ڪمار(هڪ سوناري) سميت گرفتار ڪيو ويو.

2020 ۾ ڪيرالا جي عدالت انکي ضمانت به ڏني هئي ۽ چيو هو ته عورت کي ڪيس رڳو اعترافن تي ٻڌل آهي.

سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ تي عورت کي جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

2021 ۾ جولي جي مڙس زال کي طلاق جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته گهرواري مان خوف محسوس ڪيان ٿو، مان ان سان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو.

Read Previous

رميز راجا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو

Read Next

ڪراچي: اڳوڻي مڙس هٿان تيزاب هاري ساڙيل عورت دم ڏئي ڇڏيو

Most Popular