رانديگرن جي سارسنڀال لاءِ پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، ٽيم جي حفاظت اهم آهي: جيسنڊا آرڊرن

ڪيوي ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي هڪ طرفي خاتمي کانپوءِ نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن جو اهم بيان سامهون آيو آهي.

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم چيو آهي ته سيريز نه ٿيڻ تي سڀني کي ڪيترو افسوس آهي ان ڳالهه جو اندازو آهي، پر رانديگرن جي حفاظت جي لاءِ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيان ٿي.

جيسنڊا آرڊرن چيو ته اسان جي لاءِ رانديگرن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه دوران نيوزي لينڊ ٽيم جي حفاظت ۽ خيال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

واضح رهي ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.

Read Previous

نيوزي لينڊ ڪا به آڇ نه قبولي، دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو: شيخ رشيد

Read Next

عورتون پنهنجو دفاع پاڻ ڪري سگهن ٿيون کين مرد جي ضرورت ناهي: مرزا گوهر رشيد

Most Popular