نيوزي لينڊ ڪا به آڇ نه قبولي، دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو: شيخ رشيد

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزي لينڊ جي ٽيم جي دوري کي سازش تحت ختم ڪيو ويو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد اسان کي ڪو به ٿريٽ ناهي مليو، نيوزي لينڊ پاڻ دورو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان انهن کي تماشائين جي بنا به راند کيڏڻ جي آڇ ڪئي پر اهي راضي نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان به نيوزي لينڊ جي وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي هئي.

هن چيو ته نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري کي سازش جي تحت ختم ڪيو ويو، دستانا پهريل هٿن سازش ڪئي، نيوزي لينڊ چئن مهينن کان سيڪيورٽي ٽيم موڪلي هئي، ان ٽيم به سيڪيورٽي جي ڪليئرنس ڏني هئي.

Read Previous

پاڪستان امن لاءِ اهم ملڪ آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان بحران پيدا ٿيندا: عمران خان

Read Next

رانديگرن جي سارسنڀال لاءِ پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، ٽيم جي حفاظت اهم آهي: جيسنڊا آرڊرن

Most Popular