سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته بيانن ۽ خبرن کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جو رواج پئجي ويو آهي

سڪرنڊ (رپورٽ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراھ سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته بيانن ۽ خبرن کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ جو رواج پئجي ويو آهي جيڪو نا مناسب آهي سندس وزير اعظم عمران خان سان ملاقات سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خاص ڪري بحريا ٽائون ۽ ٻيٽن جي وڪري سميت ڌارين جي آبادڪاري متعلق گورنر وسيلي اڳيئي طئه ٿيل ملاقات هئي نه ڪي امير حيدر شاھ جي دعا بابت هئي هُو سائين جي ايم سيد جي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف جي حوالي سان ملڪ ۾ شهرت ماڻيندڙ نالي واري سماج سڌارڪ شخصيت سيد امداد محمد شاھ جي سترهين ورسي جيڪا سندس آخري آرام گاھ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سادگيءَ سان رکيل هئي جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته گورنر مونکي نياپو ضرور ڏنو ته وزيراعظم عمران خان سائين امير حيدر شاھ جي دعا گهرندو پر مون کيس صاف جواب ڏنو ته اهو اسان جي روايتن جي خلاف آهي ته عزرخواهي وٺڻ لاءِ اسين پاڻ هلي اچون ان ڪري ملاقات سياسي ٿي هن اهو به چيو ته ٽن مهينن کانپوءِ اڄ سن ويو هئس بيماري سبب ڪراچي هئس اتي سن قبرستاب بابت خبر پئي جيڪا سراسر نا انصافي آهي مون تڏھن ئي بيان ڏنو ته واقعو غلط ،غلط ۽ غلط ٿيو آهي مان ان جي مذمت ، مذمت ۽ مذمت ٿو ڪيان سيد جلال شاھ اهو به چيو ته پيپلز پارٽي جي سياست نه صرف سنڌ کي نقصان پهچايو آهي پر سياست کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهن هن وڌيڪ چيو ته بابا سائين سيد امداد شاھ سدائين اجتماعي سوچ کي فروغ ڏنو ڪڏھن به انفراديت کي اهميت نه ڏني اڄ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺن ۾ اسڪلون ۽ رستن جو وڇايل ڄار به سندس ڪاوشن جو نتيجو آهي جڏھن ته ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ سرڪاري ڊسپينسريون قائم ڪرڻ به سندس اولين ترجيح هوندو هو هن چيو ته اڄ سڄڻ توڙي دشمن ان ڳالھ کان انڪار نه ڪندا ته سيد امداد شاھ اجتمائي سوچ جي ڪري هر ان ڳوٺ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا جيڪي ساڻس ڪابه وابستگي نه رکندا هئا پر حقدار سمجهي کين سهولتون مهيا ڪيون هن چيو ته امداد شاھ اسيمبلي ۾ حڪمرانن جي غلط ڪمن جي ڪڏھن به حمايت نه ڪئي ۽ اڄ اسان ان جا تربيت يافته به اهو عهد ڪري چڪا آهيون ته ظلم نه ڪبو نه سهبو سيد امداد شاھ نه صرف هڪ سٺو سياستدان يا سماج سڌارڪ هو پر هو هڪ سٺو زرعي ماهر ۽ مال مان به ڄاڻندو هو پاڻ گهڻ رخي شخصيت هوندو هو سائين جا ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ ۾ ياد ڪيا ٿا وڃن هن وڌيڪ چيو ته ايم آرڊي تحريڪ ۾ امداد شاھ جو ڪردار هڪ الڳ تاريخ رکي ٿو عجيب اتفاق سان انهن شهيدن جي ورسي به اڄ 29 سيپٽمبر آهي ان موقعي تي روشن ٻرڙو ، فلڪ شير اوڏ سميت ڪئي اڳواڻ موجود هئا .

Read Previous

صالح پٽ لڳ شيخ برادري جي گھرن کي اچانڪ باھ

Read Next

ڪراچي ۾ سامونڊي طوفان ۽ وڏي مينهن جو الرٽ جاري

Most Popular