نيشنل ريگيوليٽري پاور اٿارٽي بجلي جي قيمت وري وڌائي ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪئي وئي آهي.
سينٽرل پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) 2 رپيا 7 پيسا في يونٽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ اڄ بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيو 95 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.