اميتاڀ بچن جو ڪپل شرما تي طنز

الي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاڀ بچن ڪاميڊين ڪپل شرم کي ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي سيٽ تي دير سان اچڻ تي طنز جو نشانو بڻايو آهي.

ڪاميڊين ڪپل شرم پنهنجي مختلف شوز جي شوٽنگ سميت ٻين تقريبن ۾ دير سان پهچندو آهي ۽ سندس اهڙي عادت تي ڪيترائي باليووڊ ستارا ڀڙڪيا آهن.

هاڻي ڪپل شرما ريئلٽي شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي شوٽنگ تي دير سان پهتو جنهن تي مٿس شو جي ميزبان ميگا اسٽار طنز ڪيو آهي.

شو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪپل شرما ۽ اداڪار سونو سود گڏ شرڪت ڪري رهيا آهن.

ڏسي سگهجي ٿو شو دوران اميتاڀ بچن ڪپل شرم کي چئي ٿو”اڄ توهان ٽائيم تي آيا آهيو، اسان کي توهان سان 12 وڳي ملڻو هو ۽ ٺيڪ ساڍي 4 وڳي اچي ويا توهان“.

جنهن تي ڪپل شرما ۽ ميگا اسٽار وڏو ٽهڪ ڏين ٿا.

Read Previous

سيمي فائنل: نيوزيلينڊ جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

Read Next

بنگلاديش جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي چيف جسٽس کي مالي گهوٻين تي سزا

Most Popular