عمران خان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪري سگهندي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان کي آڻيندڙ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن ۽ ان جي حڪومت 5 سال پورا نه ڪري سگهندي.

احتساب عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آصف زرداري، راڻا شميم بابت سوال تي چيو ته اسان اڳ ئي اهو رستو ڏسي چڪا آهيون، جسٽس قيوم سان گڏ سيف الرحمان ۽ ڪجهه دوستن جي ٽيپ هئي.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت مدو پورو نه ڪندي، ان کي آڻيندڙ اعتراف ڪري رهيا آهن ته اسان کان غلطي ٿي وئي، هاڻ اهي غلطي جو ڪيئن ازالو ڪندو الله بهتر ڄاڻي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مريم نواز منهنجي ڌيئرن جيان آهي، ان جي درخواست بابت نه ڳالهائيندس.

Read Previous

راڻا شميم جو حلفي بيان: ثبوت آڻيو ته ثاقب نثار خلاف ڪارروائي ٿيندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Read Next

چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان ڪندو: آءِ سي سي جو اعلان

Most Popular