اعليٰ فوجي آفيسرن کي گهر ڏيڻ دفاعي مقصد ناهي، فوج کي قانون ڪير سمجهائيندو؟ چيف جسٽس

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ڪنٽونمينٽ ايراضي تي ڪمرشل سرگرمين بابت بچاءَ واري سيڪريٽري جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ ڪنٽونمينٽ ايراضي تي ڪمرشل سرگرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بچاءَ وارو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ رپورٽ پيش ڪيائين، جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا سئنيما، شادي هال، اسڪول ۽ گهر ٺاهڻ دفاعي مقصد آهن؟ ڪراچي ۾ سموريون غير قانوني عمارتون ڊهرائي رهيا آهيون، ڪارساز ۾ وڏيون وڏيون ڀتيون بيهاري سروس روڊ به اندر ڪيو ويو، ڪنٽونمينٽ ايراضي کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ نٿو ورهائي سگهجي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته پرل مارڪي ۽ گرينڊ ڪنوينشن هال اڃا تائين برقرار آهن، ڪالا پل سان ڀت ۽ گرينڊ ڪنوينش اڄ ئي ڪيرايو، ڪارساز ۽ راشد منهاس روڊ تي اشتهارن لاءِ وڏيون وڏيون ڀتيون ٺاهيون ويون آهن، اها حڪومت جي زمين آهي، سئنيما، پيٽرول پمپ، هائوسنگ سوسائٽي، شاپنگ مال ۽ ميرج هال دفاعي مقصد ته ناهي، اٽارني جنرل ٻڌائي ته بچاءَ واري وزارت ڪيئن ان استعمال کي دفاع تائين محدود رکندي.

چيف جسٽس چيو ته سڄي پاڪستان ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي ايراضي تي اهو سلسلو جاري آهي، سي ايس ڊي کي به هاڻ اوپن ڪمرشل ڊپارٽمينٽ اسٽور ٺاهيو ويو آهي، گزري روڊ تي راتورات عمارت بيهاري وئي، اسان سمهي نه اٿياسين ته انهن عمارت بيهاري ڇڏي.

هن بچاءَ واري سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته اسان کي ٻڌايو توهان جو اڳتي ڪهڙو پلان آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري چيو ته ٽنهي سروسز جي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا غير قانوني عمارتن جي نشاندهي ڪندي.

چيف جسٽس چيو جيڪڏهن اهي غير قانوني عمارتون رهنديون ته ٻين خلاف ڪهڙو ايڪشن وٺنداسين؟ فيصلو هڪ روايت بڻجي ويندو، ڪنٽونمينٽ ايراضي دفاعي مقصد پورا ٿيڻ تي حڪومت کي واپس ڪرڻي هوندي آهي، اعليٰ فوجي آفيسرن کي گهر ڏيڻ دفاعي مقصدن ۾ نٿو اچي، فوج رياست جي زمين تي ڪمرشل سرگرميون ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ رياست جي زمين جو استحصال نٿو ڪري سگهجي.

عدالت بچاءَ واري سيڪريٽري کي 4 هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس چيو ائين نٿو ٿي سگهي ته فوج جي غير قانوني اڏاوتن کي ڇڏي ڏيون، پوءِ ٻين کي ڪيئن ڪيرائينداسين؟ اٽارني جنرل صاحب فوج کي قانون ڪير سمجهائيندو؟ فوج سان قانوني مدد ناهي ٿيندي، اهي جيڪو چاهيندا آهن ڪندا رهندا آهن، فوج جن قانونن جو سهارو وٺي ڪمرشل سرگرميون ڪندي آهي، اهي غير آئيني آهن.

Read Previous

وزيراعظم وزيرن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

Read Next

سڀاڻي کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

Most Popular