سڀاڻي کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد ۾ سڀاڻي کان تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا.

لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تحت تعليمي ادارن کي ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ڪرڻ خلاف فيڊرل گورنمينٽ ايجوڪيشن جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي احتجاجي طور اسلام آباد ۾ سڀاڻي کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

فيڊرل گورنمينٽ ايجوڪيشن جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي چيئرمين جو چوڻ آهي ته حڪومت آرڊيننس ذريعي سڀني تعليمي ادارن کي مڪاني ادارن جي ميئر جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي، خدشو آهي ته ملازمن جو سول گورنمينٽ جو اسٽيٽس ختم ڪيو ويندو ۽ ادارا پرائيويٽ ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلت جو خدشو آهي، تنهن ڪري اسان احتجاجي طور سڀاڻي کان ٻارن کي نه پڙهائينداسين، استاد توڙي غير تدريسي عملو ادارن ۾ احتجاج ڪري.

Read Previous

اعليٰ فوجي آفيسرن کي گهر ڏيڻ دفاعي مقصد ناهي، فوج کي قانون ڪير سمجهائيندو؟ چيف جسٽس

Read Next

جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع، ايران ڊيل بچائڻ لاءِ پرعزم

Most Popular