پنوعاقل : ڳوٺ رستم علي ميتلو ۾ ثقافتي پروگرام علم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ منعقد ڪيو ويو

سلطانپور ۔رپورٽ ۔ضمير حسين انڍڙ ۔ سلطانپور / ثقافتي پروگرام پنوعاقل جي ٻاهراڙي واري علائقي سلطانپور ۾ برائيٽ فيوچر پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ڳوٺ رستم علي ميتلو ۾ ثقافتي پروگرام علم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ مجاهد پبلڪ اسڪول ميتلا ، گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شاھ محمد ميتلو جي شاگردن وچ ۾ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، اسڪولي شاگردن پاران قومي گيتن تي جهمريون هڻي پنڊال ۾ ويٺل مهمانن کي جهومائي ڇڏيو،جنهن کانپوءِ ٽنهي اسڪولن جي شاگردن جي وچ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا ڪرايا ويا، تقريري مقابلن ۾ برائيٽ فيوچر پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ميتلا جي شاگردياڻي حنا بتول آرائين پهرين، مجاهد پبلڪ اسڪول ميتلا جي شاگرد وقاص علي سمائر پهرين ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شاھ محمد ميتلو جي ڪامران احمد ميتلو ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ پاران شيلڊ ايوارڊ ۽ مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا جڏهن ته قومي گيتن توڙي ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي به مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن ته پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سنڌ ٽي وي نيوز جي رپورٽر محمود مهر پڻ ڏنا پروگرام ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوڻاس جي هيڊماستر محمد يعقوب انڍڙ، مجاهد پبلڪ اسڪول ميتلا جي پرنسيپال ميان علي گوهر انڍڙ ،صحافي حافظ خدابخش انڍڙ ،ضمير جتوئي ،محرم علي ملڪ سياسي سماجي شخصيت محمد جادل منگي، ايڊوڪيٽ جاويد احمد ميتلو، ننڍڙي قد طور مشهوري ماڻيندڙ وڏيري منظور احمد ميتلو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي

Read Previous

بالي ووڊ سندري اميشا پٽيل جا گرفتاري وارنٽ جاري

Read Next

”گم ٿيلن جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي اچي ٿي، ڇو نه کانئن معاوضو وٺون“

Most Popular