بالي ووڊ سندري اميشا پٽيل جا گرفتاري وارنٽ جاري

بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀوپال جي هڪ عدالت اداڪارا خلاف 32 لک 25 هزار رپين جو چيڪ بائونس ٿيڻ جي ڪيس ۾ سندس ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اميشا پٽيل کي ايندڙ مهيني جي چوٿين تاريخ تي ٿيندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن هوءَ حاضر نه ٿي ته سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.

ڀارتي ميڊيا موجب اميشا پٽيل خلاف يو ٽي ايف ٽيلي فلمز پرائيويٽ لميٽيڊ طرفان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ۽ اداڪارا تي الزام هنيو ويو آهي ته هن فلم ٺاهڻ لاءِ 2019 ۾ اندور جي رهواسي کان 10 لک رپين جي رقم اوڌر ورتي هئي، جڏهن اميشا ڪمپني کي ٻه چيڪ ڏنا ته ٻئي بائونس ٿي ويا.

Read Previous

جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع، ايران ڊيل بچائڻ لاءِ پرعزم

Read Next

پنوعاقل : ڳوٺ رستم علي ميتلو ۾ ثقافتي پروگرام علم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ منعقد ڪيو ويو

Most Popular