ڪي ايم سي عملي طرفان گهر ڊاهڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪي ايم سي عملي طرفان گهر مسمار ڪرڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

گجر نالي ڪٽنگ تي موجود هڪ گهر جي عورت ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته گجر نالي ڪٽنگ ۾ منهنجو گهر هو، جنهن کي ڊاٿو ويو، اسان گهر مسمار نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته مون کي چيو ويو رشوت ڏيو نه گهر ڊاهي ڇڏينداسين.

درخواستگذار چيو آهي ته 25 هزار رپيا اوڌر وٺي مان ڪي ايم سي آفيسرن کي رشوت ڏني، پوءِ انهن وڌيڪ رشوت گهري ۽ نه ڏيڻ تي لاڳاپا رکڻ جو چيو.

عورت درخواست جي متن ۾ چيو آهي ته ڪي ايم سي آفيسر مون کي فون تي ملڻ لاءِ پيغام به ڏيندا رهيا، مان آپگهات ڪنديس پر عزت جو سودو نه ڪنديس.

Read Previous

پَنا ميڙيندڙ عورتن تي چوري جي الزام ۾ تشدد، ڪپڙا لاهي ويڊيوز به ٺاهيون ويون

Read Next

عالمي سطح تي هٿيارن جي وڪري ۾ ملسلس واڌ، آمريڪا سڀ کان وڏو واپاري

Most Popular