برطانيا ۾ ڪورونا جي خطرناڪ قسم اومي ڪرون سبب پهريون موت سامهون اچي ويو.
برطانوي وزيراعظم بورس جانسن اومي ڪرون سان پهرين فوتگي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وائرس سان متاثر شخص لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
برطانيا ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ به تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.