پاڪستان ۾ ”اوميڪرون“ جي پهرئين ڪيس جي تصديق ٿي وئي

Medical illustration. 3D rendering

آغا خان  يونيورسٽي اسپتال تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ هڪ عورت ۾ جينوم سيڪوينسنگ سان ڪورونا وائرس جي نئين ويرينٽ ”اوميڪرون“ جي سڃاڻپ ٿي آهي.

پنهنجي بيان ۾ اسپتال انتظاميا چيو آهي ته عورت گهر ۾ آئسوليٽ آهي ۽ ان جي صحت بهتر ٿي رهي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر به اوميڪرون ويرينٽ جي تصديق ڪندي چيو ته صحت جي قومي اداري تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ عورت جو شڪي نمونو اوميڪرون ويرينٽ جو آهي.

Read Previous

عزيزالله ٻوهيو سنڌ جو عاشق۔ مدبر۔ جدوجهد جو علمبردار ڪرڻ جو اعلان

Read Next

برطانيا ۾ اومي ڪرون سبب پهريون موت

Most Popular