حڪومت جو اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

جسٽس منيب اختر

وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ ۾ سينٽ خالي قرار ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

اسحاق ڊار جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٿي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي حلف جي حوالي سان نئون قانون ٺاهيو آهي، نئين قانون تحت 60 ڏينهن ۾ حلف نه کڻندڙ جي سيٽ خالي سمجهي ويندي.

هن ٻڌايو ته ن ليگ جي قانون سازي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي، جيڪا خارج ٿي وئي، هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي.

سندس چوڻ هو ته اپيل ۾ ن ليگ جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ گهڙي گهڙي اسحاق ڊار کي طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو ۽ ن ليگ به چئي ٿي ته نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ سبب اسحاق ڊار واپس نه پيو اچي، تنهن ڪري ان جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏني وڃي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪيس کي ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ٿا ڇڏيون، پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

”انسانن جي تفريح لاءِ جانورن کي قيد نٿو رکي سگهجي“

Read Next

پاڪستان ۾ امير مٿي ۽ غريب ويتر هيٺ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

Most Popular