) فلپائن ۾ آيل سامونڊي طوفان سبب 80 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
فلپائن جي ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ آيل سامونڊي طوفان سبب 80 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
اختيارين موجب تباهه ٿيل ٻيٽن تائين پيئڻ جو پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. سامونڊي طوفان راءِ ٻيٽن تي ٻڌل هن ملڪ جي ڏکڻ ۽ وچين علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.
طوفان سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلات ۽ رابطي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.خيراتي ادارن عالمي برادري کان عطين جي اپيل ڪئي آهي. فلپائن ۾ هر سال تقريبن ويهه وڏا سامونڊي طوفان ايندا آهن.