مون ڪنهن تي الزام ناهي لڳايو: راڻا شميم

گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم چيو آهي ته مون ڪنهن تي ڪوبه الزام ناهي لڳايو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي چيف جج چيو ته ايندڙ ٻڌڻي 20 تاريخ تي ٿيندي ۽ ان تاريخ تي ئي ڏسنداسين ته ڇاٿو ٿئي.

هن چيو ته مون ڪنهن مٿان الزام ناهي لڳايو، ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ان بابت في الحال ڪجهه نه چوندس.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڻا شميم جي حلفي بيان ڪيس ۾ توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي 20 جنوري تائين ملتوي ڪئي آهي.

Read Previous

آئين موجب عمران نيازي ملڪ جو وزير اعظم ناهي: شهباز شريف

Read Next

ماڻهو وڏن گهرن ۾ رهن ٿا، وڏيون گاڏيون هلائين ٿا، پر ٽيڪس نٿا ڏين: شوڪت ترين

Most Popular