آئين موجب عمران نيازي ملڪ جو وزير اعظم ناهي: شهباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ بعد عمران خان آئيني طور وزير اعظم ناهي رهيو.

جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪوبه وزير اعظم ناهي، پارليامينٽ جو  هن وقت ڪو قائد اعوان ناهي، آئين موجب عمران خان پاڪستان جا فيصلا نٿو ڪري سگهي، اُ هي سمورا ماڻهو آئيني عهدن تان استعيفائون ڏين جن جا نالا فارن فنڊنگ ۾ آيا آهن.

هن چيو ته نواز شريف خلاف جي آءِ ٽي جڙي سگهي ٿي ته عمران نيازي جي لاءِ ڇو نه ؟، نواز شريف جهڙي مشهور عوامي وزير اعظم تي قانون لاڳو  ٿي سگهي ٿو ته عمران نيازي تي ڇو نه ؟

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اپوزيشن سان ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين آئيني بحران تي مشاورت ڪنداسين.

Read Previous

طالبان عورتن جي راندين جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

مون ڪنهن تي الزام ناهي لڳايو: راڻا شميم

Most Popular