پي ايس ايل 7 جي آفيشل تراني ۾ آواز جو جادو ڪير ڳائيندو؟ اعلان ٿي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن جي آفيشل تراني لاءِ گلوڪارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي ايس ايل 7 جي آفيشل تراني ۾ ناليوارو گلوڪار عاطف اسلم ۽ گلوڪارا آئما بيگ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندا، موسيقار عبدالله صديقي ان تراني کي ڪمپوز ڪيو آهي.

پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان موجب هي آفيشل ترانو ايندڙ هفتي رليز ڪيو ويندو ۽ ايونٽ کان اڳ ۽ ميچز دوران وينيوز تي هلايو ويندو.

پي سي بي موجب ترانو پي ايس ايل 7 جي ڪرڪيٽ شوقينن جي جوش ۽ جذبي جي عڪاسي ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان سميت پوري دنيا کي درپيش ڪووڊ 19 جي غير معمولي صورتحال دوران شوقينن جي لاءِ تفريح جو سبب بڻجندو.

Read Previous

نوازشريف جي رپورٽن جو جائزو ۽ واپسي بابت اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو

Read Next

وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي: مراد علي شاهه

Most Popular