بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما پنهنجي مڙس ويرات ڪوهلي طرفان ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ تي پنهنجي جذباتي پيغام ۾ لکيو ته منهنجي مڙس جي جدوجهد ۽ ڪاميابيون مون ۽ منهنجي ڌيءَ لاءِ مثال آهن ۽ اسان کي هن تي فخر آهي.
اداڪارا سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي مڙس لاءِ هڪ پيارو پيغام لکيو آهي.