بدلياتي چونڊون مئي ۾ ڪرائڻ جو اعلان

پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد صوبي ۾ 15 مئي تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي محمود الرشيد جو چوڻ هو ته سڌي ريت بلدياتي چونڊن ۾ هر شهري پنهنجو نمائيندو پاڻ مقرر ڪندو.

هن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت بلدياتي ادارن کي ڪم نه ڪرڻ ڏنو، اسان جي ڪوشش آهي ته مقامي حڪومتن کي بااختيار نظام ڏيون.

محمود رشيد چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو ڪم قانون سازي ڪرڻ هوندو آحي پر هو بلدياتي نمائيندن جو ڪم ڪري رهيا آهن، اسيمبلي ميمبر ڪڏهن فنڊ ته ڪڏهن ٺيڪيدارن پٺيان هوندا آهن.

سندس چوڻ هو ته اسان جو اصل ڪم عوامي مسئلن جو حل ۽ قانون سازي آهي، بلديات جو سڄو ڪم اسيمبلي ميمبر پنهنجي ذمي کنيون ويٺا آهن.

Read Previous

انوشڪا شرما جو مڙس ويرات ڪوهلي لاءِ پيار ڀريو پيغام

Read Next

سوڊان ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرا، 7 ڄڻا مارجي ويا، 100 جي ويجهو زخمي

Most Popular