ابوظهبي جي شهزادي شيخ محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان کي فون ڪري لاهور ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي.
وزيراعظم هائوس مان جاري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد وزيراعظم عمران خان کي فون ڪري لاهور ۾ 20 جنوري تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي. شيخ محمد بن زيد متاثرين جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. هن پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم عمران خان تعزيت ۽ حمايت تي ابو ظهبي جي شهزادي جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگرد حملا ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ڀائراڻن لاڳاپن جي نشاني آهي. هن ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ، علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجها رابطا جاري رکڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو