عمران خان کي ڪرسي وڃڻ جو ڊپ آهي، هاڻ هو بچي نٿو سگهي: مريم اورنگزيب

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪرسي وڃڻ جي ڊپ ۾ مبتلا آهي، کيس خبر پئجي چڪي آهي ته هاڻ سندس گهر وڃڻ جو وقت شروع ٿي ويو آهي، هاڻ هو بچي نٿو سگهي، هي ڌمڪيون ڏيندو هو ته نه ڇڏيندس، خطرناڪ ٿي ويندس، اوهان ته پهريان ئي عوام کي جيئڻ جي قابل ئي ناهي ڇڏيو، هاڻ اوهان جو گريبان هوندو ۽ عوام جو هٿ هوندو.
(ن) ليگ ترجمان مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اوهان جي انتقام اسان جو ڊپ ختم ڪري ڇڏيو آهي. شهباز شريف کي ڪرمنل چوڻ جي همت ڪيئن ٿي،؟ جڏهن اوهان روڊن تي هو ان وقت وزيراعظم نوازشريف هو، روڊن تي اچڻ جون ڌمڪيون ڪنهن کي ٿا ڏيو؟ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ طاهر اقبال، محمد رفيق ڪير آهي؟ ڪرمنل اٽو، کنڊ چوري ڪندڙ هوندو آهي.
ڪرمنل اهو هوندو آهي جيڪو 1200 ارب جو اٽو کائي وڃي. ڪرسي تان لٿو ته اوهان جو ڪو نالو کڻڻ وارو نه هوندو. عمران خان شهباز شريف جي منصوبن جون تختيون لڳائي رهيو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته آر ٽي ايس کي ويهاري عمران خان کي آندو ويو. اوهان 26 اڪائونٽس کوليا، جنهن جو اوهان اليڪشن ڪميشن ۾ رڪارڊ جمع ناهي ڪرايو، اوهان جي گهر وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي.

Read Previous

ابو ظهبي شهزادي جو وزيراعظم سان فون تي رابطو، لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي مذمت

Read Next

تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس گهر واري ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular