يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف برانڊز جو گيهه، کاڄرو تيل، صرف ۽ ٽوٿ پيسٽ سميت ٻيون شيون مهانگيون ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃڻ.
ذريعن موجب اوپن مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌڻ سبب واڌ اڻٽر آهي، اسٽورن تي سين جي دستيابي ۽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قيمتن ۾ واڌ ڪرڻي پوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته واڌ کان پوءِ به قيمتون اوپن مارڪيٽ کان گھٽ رکيون وينديون، قيمتن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ ان حوالي سان تجويزن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.