آمريڪا، روسي صدر تي پابندين جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Usa vs Russia. Versus USA VS Russia concept. The concept of relations between States, economic community, politics. Vector illustration

آمريڪي صدر جو بائيڊن خبردار ڪيو آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي ذاتي طور پابنديون هڻي سگهجن ٿيون.

سندس موجب جيڪڏهن روسي فوج يوڪرين تي حملو ڪيو ته ماسڪو خلاف سخت پابندين سان گڏ پيوٽن کي به نشانو بڻايو ويندو.

واشنگٽن حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو خطرو موجود آهي ته روسي فوج يوڪرين ۾ داخل ٿي سگهي ٿي پر روس مسلسل انهن الزامن کي رد ڪري رهيو آهي.

ماسڪو حڪومت موجب اولهه ملڪ اهو بهانو بڻائي اولهه يورپي سرحدن تي عسڪري موجودگي وڌائڻ چاهين ٿا.

Read Previous

يوٽيلٽي اسٽورن تي مختلف شيون مهانگيون ڪرڻ جو تياريون

Read Next

ڪراچي ۾ ريلين سبب پي ايس ايل ٽيمن جو پريڪٽس سيشن ختم

Most Popular