اميتاڀ بچن جي زال جيا بچن به ڪورونا وائرس جو شڪار

ڀارت جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن جي زال اداڪارا جيا بچن ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جيا بچن ۽ شبانا اعظمي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ سبب ڪرن جوهر جي ملٽي اسٽارر فلم ”راڪي اور راني ڪي پريم ڪهاني“ جي شوٽنگ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب شبانا اعظمي ۽ جيا بچن ڪرن جوهر جي ايندڙ مٿي ڄاڻايل فلم ۾ اهم ڪردار ۾ نظر اينديون.

فلم ۾ جيا ۽ شبانا اعظمي کانسواءِ رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ به اداڪاري ڪندي نظر ايندا جڏهن ته فلم 2023ع ۾ رليز ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا شبانا اعظمي جي به ڪورونا وائرس ٽيسٽ مثبت آئي هئي.

Read Previous

آمريڪا رقم افغانستان منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سانگهڙ پريس ڪلب آڏو خاصخيلي برادري جھول پوليس جي خلاف احتجاجي مظاهرو پوليس منهنجي نوجوان پٽ کي گم ڪري ڇڏيو

Most Popular