ورزش کانسواءِ جسماني وزن گھٽائڻ جا طريقا

جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ سولو ناهي هوندو ۽ گھڻا ماڻهو اهڙن مشورن تي عمل ڪرڻ لڳندا آهن جيڪي درست ناهن هوندا.

پر سائنسدانن مختلف اهڙا طريقا دريافت ڪيا آهن جيڪي جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ لاءِ اثرائتا آهن.

اهڙن ئي سولن طريقن بابت ڄاڻو جيڪي سائنسي شاهدين جي بنياد تي تيار ڪيا ويا.

پاڻي پيئڻ، خاص ڪري کائڻ کان اڳ

ائين گھڻو چيو ويندو آهي ته پاڻي پيئڻ جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ اهو درست به آهي.

پاڻي پيئڻ سان ميٽابولزم جي رفتار هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ لاءِ 24 کان 30 سيڪڙو تائين وڌي ويندوي آهي، جنهن سان واڌو ڪيلوريز سڙڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته کائڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ اڌ ليٽر پاڻي پيئڻ گھٽ ڪيلوريز کي جسم جو حصو بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي ۽ ان طريقي تي عمل نه ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ جسماني وزن ۾ 44 سيڪڙو وڌيڪ گھٽتائي ايندي آهي.

وڌيڪ مرچن واري غذا

مصالحيدار غذائن ۾ هڪ جُز ڪيپسيسين موجود هوندو آهي جيڪو ميٽا بولزم کي هٿي ڏيندو آهي ۽ کائڻ جي شين ۾ ڪجهه حد تائين گھٽتائي ڪندو آهي.

پروٽين جو وڌيڪ استعمال

پروٽين سان ڀرپور غذائن جو استعمال ميٽابولزم کي تيز ڪندو آهي ۽ گھٽ ڪيلوريز کي جسم جو حصو بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

تحقيقي رپورٽن موجب جڏهن اوهان پروٽين سان ڀرپور غذا جيئن بيضن،چڪن يا ٻين شين جو استعمال ڪندا آهيو ته پاڻمرادي طور تي وڌيڪ کاڌي کان پاسو ڪندا آهيو، جنهن سبب وزن ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پروٽين سان ڀرپور غذا ۽ ان سان گڏ ورزش ڪرڻ وڌيڪ تيزي سان جسماني وزن ۾ گھٽتائي ڪندو آهي.

چانهه يا ڪافي پيئڻ

تحقيقي رپورٽن موجب چانهه ۽ ڪافي ۾ موجود ڪيفين سان ميٽابولزم 3 کان 11 سيڪڙو تيز ٿيندو آهي ۽ چرٻي ڳرڻ جو عمل 10 کان 29 سيڪڙو تائين تيز ٿي ويندو آهي.

پر انهن کي پيئڻ دورنا چنڊ يا وڌيڪ ڪيلوريز وارن جُزن جو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو نه ته ڪو خاص فائدو نه ٿيندو.

ماني کائڻ وقت گرهه هوريان چٻاڙيو

کاڌو تيزي سان کائڻ وقت سان گڏ جسماني وزن ۾ واڌ جو سبب بڻبو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ کائڻ مان مزووٺندي گرهه سٺي طرح چٻاڙڻ پيٽ کي ڀريل رکڻ سان گڏ جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻيندڙ هارمونز جي انگ کي وڌائيندو آهي.

بيهي ماني کائڻ کان پهرهيز

مصروفيت دوران ماڻهن گھڻو ڪري جلدي ۾ بيهي يا گھمندي ماني کائيندا آهن. ان عمل کي هر هر ورجائڻ جسماني وزن ۾ واڌ جو سبب بڻبو آهي.

ان کان بچڻ لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته کائڻ دوران ويهي ڪري سڪون سان کائو ته جيئن دماغ کي احساس ٿئي ته اوهان مناسب غذا کائي رهيا آهيو.

چيونگ گم چٻاڙيو

بغير مٺاڻ وارو چيونگ گم جنهن ۾ منٽ جو تيز ذائقو موجود هجي، ان وقت چٻاڙيو جڏهن اوهان کي لڳي ته اوهان بازار مان ڪجهه کائڻ چاهيو ٿا يا بس ڪجهه کائڻ چاهيو ٿا.

بکيو رهڻ کان پاسو ڪيو

روزانو 1200 (جيڪڏهن اوهان عورت آهيو ) يا 1800 (جيڪڏهن اوهان مرد آهيو) ڪيلوريز روزانو جسم جو حصو بڻائڻ ميٽابولزم کي تيز ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندو آهي.

Read Previous

حريم شاهه وڌيڪ وڊيوز ۽ آڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

آمريڪا سدائين پاڪستان کي پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪيو: عمران خان

Most Popular