چانهه شوگر جو خطرو وڌائي ٿي يا گهٽائي؟ نئين تحقيق ۾ واضح ٿي ويو

چانهه جا شوقين ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ چانهه پيئڻ ناهن ڇڏيندا پر روز چار ڪپ چانهه پيئڻ سان ڇا ٿيندو آهي اهو اڄ اسان توهان کي ٻڌائينداسين.

ووهان يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي تحقيق پٽاندڙ روزاني چار ڪپ چانهه پيئڻ سان ايندڙ ڏهن ورهين دوران شوگر ٽائپ ٽو سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو 17 تائين گهٽجي ويندو آهي.

محققن جو چوڻ آهي ته چانهه جو اهو فائدو ان وقت وڌي ويندو آهي جڏهن ماڻهو چانهه ۾ کير جو اضافو ڪندا آهن.

ماضي ۾ تحقيقي رپورٽن مان اهو پتو لڳايو ويو آهي ته کير يا ان مان ٺهيل شيون شوگر  جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن.

محققن موجب اسان جي خيال ۾ شوگر کان بچاءُ لاءِ چانهه جو اثر کير جي واڌ سان وڌي ويندي آهي.

يورپين ايسوسيئيشن  فار دي اسٽڊي آف ڊائيبٽيز جي سالياني اجلاس ۾ پيش ڪيل تحقيق ۾ چانهه ۽ شوگر وچ ۾ ڳنڍاپي تي ماضي ۾ 11 لک ماڻهن تي ٿيندڙ 19 تحقيقي رپورٽن جو جائزو ورتو ويو .

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ڏينهن ۾ هڪ، ٻه يا ٽي ڪپ چانهه واپرائڻ سان شوگر جو خطرو چار سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي جڏهن ته چار يا ان کان وڌيڪ ڪپ چانهه پيئڻ سان اهو خطرو 17 تائين گهٽجي ويندو آهي.

هنن جو چوڻ آهي ته اهي تنيجا في الحال مشاهدي جي آڌار تي آهن ۽ اڃا اهو ثابت ناهي ٿيو ته چانهه  پيئڻ سان سڌو سنئون شوگر ٽائپ ٽو جو خطرو گهٽبو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

Read Previous

گوگل ميسيجز به واٽس ايپ جيان اڀرڻ لڳو

Read Next

ڊينگيءَ جي ٽيسٽ مفت ٿي وئي

Most Popular