اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هٿياربند فوج جي پيشه ورانه معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي شخصيتن قومي دلچسپي جي ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ملڪي مفاد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو.