پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ تربيت يافته دهشتگردن جي مبينا موجودگي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم پاران عوام ۽ ڪارڪنن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته قوم عمران خان جي گرفتاري روڪڻ جو ڊرامو ڏسي رهي آهي ۽ انتشار پکيڙي رياست جي رٽ کي چيلينج ڪري رهي آهي.