پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو، اڳوڻي وزيراعظم توشه خانه ڪيس ۾ نااهلي واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.
جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪندي.
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ داخل ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.