پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان دهشتگردي جي الزام هيٺ ٻن مختلف ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو هو.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف 2 نوان ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ کيس حفاظتي ضمانت ملي وئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت 27 مارچ تائين برقرار رهندي.
پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل تي عمران خان جي پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ مان نڪرڻ جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.