بلاول ڀٽو پاران جوهر چورنگي وٽ شهرين لاءِ ضياءَ محي الدين فلائي اوور جو افتتاح

بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مڪاني ادارن واري کاتي پاران جوهر چورنگي تي علائقي واسين جي ٽريفڪ مسئلن جي حل لاءِ ٺهيل ضياءَ محي الدين فلائي اوور جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه، اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ، سماجي ڀلائي واري وزير شهلا رضا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته جوهر چورنگي تي فلائي اوور ۽ انڊر پاس جو منصوبو 2.14 ارب رپين سان شروع ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته فلائي اوور تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته انڊر پاس تي ڪم جاري آهي. فلائي اوور تي ڪم آڪٽوبر 2022ع ۾ شروع ڪيو ويو هو ۽ هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته انڊر پاس جي تعمير مارچ 2023ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي.

فلائي اوور جي ڊيگهه 461 ميٽر آهي جڏهن ته ويڪر 18.2 ميٽر آهي. پل جي ڊيگهه 226 ميٽر آهي جنهن تي ايل اي ڊي لائيٽن سان گڏ ٻسانگا ٿنڀا لڳايا ويا آهن.

چيئرمين بلاول ڀٽو مڪاني ادارن واري وزير تي زور ڀريو ته انڊر پاس جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي.

چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه گلستان جوهر جي عوام کي فلائي اوور جي افتتاح ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

Read Previous

عمران خان جي قتل جي سازش وارن الزامن تي جڊيشل ڪميشن قائم

Read Next

پاڪستان جا دشمن ٻيهر دهشتگردي پکيڙين پيا، وري شڪست ڏينداسين: وڏو وزير

Most Popular