چيف جسٽس ڪجهه وقت ڏئي، اسين به هڪ ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڳالهين واري مشوري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس ڪجهه وقت ڏئي، اسين به هڪ ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا.

اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيف جسٽس عمر عطا بنديال طرفان سياسي جماعتن کي چونڊن لاءِ ڳالهين جي صلاح ڏيڻ جي آجيان ڪئي.

آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، حڪومتي اتحاد هڪ موقف تي اچي وڃي ته ان کانپوءِ سياسي مخالفن سان به ڳالهائينداسين.

آصف زرداري چيو ته سياسي پارٽين جي هڪ موقف تي اچڻ تي گنجائش ڪڍڻ وارو بيان مثبت قرار، چيف جسٽس ٿورو وقت ڏئي، اسان به ڳالهين ذريعي هڪ ئي ڏينهن چونڊون چاهيون ٿا.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيف جسٽس جي ڳالهين جي آڇ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چونڊن واري معاملي تي سياسي پارٽين کي ڳالهين لاءِ ڪجهه وقت ڏئي.

Read Previous

بچاءُ واري وزارت جي درخواست رد، حڪومت کي چونڊن لاءِ 27 اپريل تائين فنڊز ڏيڻ جو حڪم

Read Next

صدر علوي چيف جسٽس جي اختيارن بابت بل بنا منظوري ٻيهر واپس موڪلي ڇڏيو

Most Popular