تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته سڄو ملڪ سپريم ڪورٽ ۽ آئين سان گڏ بيٺو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته اسان کي ريلي جي اجازت نه ڏني پئي وڃي، ريلي جي هنڌ تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
اسد عمر چيو ته اسان کي گذريل ڏينهن به ريلي ڪڍڻ کان روڪيو ويو، هي ڪهڙو آئين ۽ ڪهڙي جمهوريت آهي.