بابر اعظم ڪوهلي کانپوءِ ووين رچرڊز ۽ هاشم آملا جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، هن ون ڊي انٽرنيشنل ۾ 5 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

بابر اعظم ون ڊي ۾ تيز ترين 5000 رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو، بابر اعظم 100 کان گهٽ اننگز ۾ 5000 رنسون ٺاهيندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم 97 اننگز ۾ اهو سنگ ميل عبور ڪيو، ڏکڻ آفريڪا جي هاشم آملا 101 ميچن ۾ 5 هزار رنسون اسڪور ڪيون.

ويسٽ انڊيز جي سر ويوان رچرڊز ۽ ڀارت جي ويرات ڪوهلي 114، 114 اننگز کيڏي 5 هزار رنسون مڪمل ڪيون.

بابر اعظم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 5000 رنسون ٺاهيندڙ 14 هون پاڪستاني رانديگر آهي.

Read Previous

سڄو ملڪ سپريم ڪورٽ ۽ آئين سان گڏ بيٺو آهي، اسد عمر

Read Next

شيرين مزاري جي بيان تي سعيد غني جو رد عمل

Most Popular