شيرين مزاري جي بيان تي سعيد غني جو رد عمل

Saeed ghani

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀارت جي دوري تي تنقيد ڪئي هئي.

هڪ بيان ۾ سعيد غني شيرين مزاري کان سوال ڪيو ته موديءَ جي اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪنهن نفل ادا ڪيا هئا؟

سعيد غني وڌيڪ چيو ته پائلٽ اڀي نندن کي بنا مطالبي جي ڪنهن آزاد ڪيو، ڪلڀوشن جي سهولت لاءِ قانون ڪنهن ٺاهيو؟

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪير مودي کي چرين وانگر فون ڪري رهيو هو ۽ هتان ڪو جواب نه پئي آيو؟ باجوه کي ڪنهن ايڪسٽينشن ڏني ۽ ٻيهر به آڇ ڪئي؟

Read Previous

بابر اعظم ڪوهلي کانپوءِ ووين رچرڊز ۽ هاشم آملا جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو

Read Next

اسرائيل کان سڌيءَ طرح جده حج اڏامن جو امڪان

Most Popular