پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.

پرويز الاهي کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي الزام ۾ گوجرانوالا جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت چوڌري پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جاچ آفيسر ٻڌايو ته چوڌري پرويز الاهي کي ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيسن جي جاچ ۽ رشوت جي رقم جي وصولي لاءِ جسماني رمانڊ جي ضرورت آهي.

جاچ ٽيم درخواست ڪئي ته جوابدار پرويز الاهي کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ويندو.

Read Previous

عثمان بوزدار جي دور ۾ مقررين ۽ بدلين بابت نيب جي جاچ جاري

Read Next

مستقبل جي سياسي حڪمت عملي لاءِ جهانگير هم خيال گروپ جو اجلاس

Most Popular