بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي دفاعي بجيٽ تي مشاورت جاري آهي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دفاعي بجيٽ اڃا تائين فائنل نه ٿي آهي، ان حوالي سان مشاورت جو عمل جاري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ سمورن شعبن ۾ بچت واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي، ڪوشش آهي ته بجيٽ ۾ عوام کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي.