وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
اجلاس جي بيان موجب پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ 2 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.