معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو مطلب حڪومت جي ناڪامي ناهي: خواجا آصف

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو مطلب حڪومت جي ناڪامي ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسان سياست کي قربان ڪري رياست کي بچايو آهي، معاشي تباهي جي منهن ۾ ڳنڍو ٻڌي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته جهانگير ترين جي پارٽي مان ن ليگ کي ڪو به خطرو ناهي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ساڻن ٿي سگهي ٿي.

بچاءَ واري وزير چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون.

Read Previous

اڄ 14 هزار 500 ارب رپين جي بجيٽ ۾ پگهارون، پينشن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي ويندي

Read Next

بلوچستان عوامي پارٽي پاران بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

Most Popular