اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان جي شدت برقرار آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پاڪستان ڏانهن ان جو فاصلو گهٽجي رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب بپرجوئي گذريل 6 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر طرف وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ساحلي علائقن کان هن طوفان جو فاصلو وڌيڪ گهٽجي ويو آهي.
ان حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 220 ڪلوميٽر، ٺٽي کان 210 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ ڪيٽي بندر کان 130 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي.
موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان جي ڀرپاسي ۾ هوائن جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.
ان حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان جي ٻنهي طرفن کان هوائن جي رفتار ڪڏهن ڪڏهن 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کي به ڇهندي آهي.
موسميات کاتي موجب سسٽم جي مرڪز جي چوڌاري سامونڊي لهرن ۾ 25 کان 30 فوٽ بلند ٿيڻ جو امڪان آهي، اتر اوڀر طرف وڌڻ وارو طوفان ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي رياست گجرات جي وچ ۾ ٽڪرائندو.
گلوبل ميٽورولوجسٽ جيسن نڪولس سائڪلون بيپرجوئي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سائڪلون اتر، اتر اوڀر طرف وڌي رهيو آهي.