ڀارتي ميڊيا هائبرڊ ماڊل تي غلط خبرون هلايون، نجم سيٺي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا هائبرڊ ماڊل تي غلط خبرون هلايون.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته هائبرڊ ماڊل هڪ حل آهي، بليڪ ميلنگ ناهي، اسان جي هائبرڊ ماڊل جي تجويز قبول ڪئي وئي.

هن چيو ته ڀارتي ميڊيا غلط خبرون هلائي، اسان هائبرڊ ماڊل لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.

نجم سيٺي وڌيڪ چيو ته ڀارت جي تجويز هئي ته سڄو ايشيا ڪپ هڪ ئي غير جانبدار هنڌ تي ڪرايو وڃي.

هن چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي پريس رليز ۾ لفظ هائبرڊ ماڊل استعمال ڪيو ويو.

Read Previous

وزيراعظم سان نجم سيٺي جي ملاقات

Read Next

امرتا رائو ۽ آر جي انمول جي شادي ۾ عامر خان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟

Most Popular