وزيراعظم سان نجم سيٺي جي ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي.

وزيراعظم هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ منعقد ڪرائڻ تي نجم سيٺي کي مبارڪباد ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ عالمي ايونٽس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ عالمي ايونٽس منعقد ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تقريبن سمورين وڏين ٽيمن پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو بهترين اميج اجاگر ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪرڪيٽ جي انفراسٽرڪچر تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڪرڪيٽ جا وڌيڪ ميدان ٺاهڻ گهرجن.

Read Previous

جين ميريٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر

Read Next

ڀارتي ميڊيا هائبرڊ ماڊل تي غلط خبرون هلايون، نجم سيٺي

Most Popular