دبئي ۾ آصف زرداري سان پنجاب جي نگران وڏي وزير جي ملاقات

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي دبئي ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب محسن نقوي تازو ئي آصف زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن جي اکين جو آپريشن ٿيو.

ان موقعي تي اڳوڻي صدر پنجاب جي نگران وڏي وزير سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي خدشن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عامر مير محسن نقوي ۽ آصف زرداري وچ ۾ ملاقات بابت لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

Read Previous

يونان ۾ ٻيڙي حادثي تي وزيراعظم سڀاڻي سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

وزيراعظم کي بلاول ڀٽو جي ڌمڪي تي احسن اقبال جو رد عمل

Most Popular