ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪ تي طلبي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب کي آڊيو ليڪ تي خصوصي ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران بئريسٽر اعتزاز احسن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي مددگار طور پيش ٿيو.

جسٽس بابر ستار، بئريسٽر اعتزاز احسن، رضا رباني، مخدوم علي خان ۽ بئريسٽر محسن شاهنواز رانجها کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو.

درخواستگذار نجم ثاقب جو وڪيل سردار لطيف کوسا به عدالت ۾ پيش ٿيو.

اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن استدعا ڪئي ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سوالن تي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم الثقيب جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته هي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي بنيادي حقن جو معاملو آهي، حڪومت چيف جسٽس جي مشاورت کانسواءِ جڊيشل ڪميشن ڪيئن ٺاهي سگهي ٿي؟ حڪومت چيف جسٽس سان مشاورت ڪندي ۽ هو ججن کي نامزد ڪندو.

Read Previous

قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير گرفتار

Read Next

حڪومت وٽ ايجنٽن خلاف ڪارروائي لاءِ ٻه مهينا آهن، خواجا آصف

Most Popular