13 لک 42 هزار 351 پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

هن سال هن وقت تائين 13 لک 42 هزار 351 پانڌيئڙا حج ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي چڪا آهن.

سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ موجب سومر جي رات تائين 1 لک 34 هزار 351 عازمين زميني، سامونڊي ۽ هوائي رستن ذريعي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.

سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي ان حوالي سان ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ايئرپورٽس تي ايندڙ حاجين جو انگ 12 لک 80 هزار 240 تائين پهچي ويو آهي.

57 هزار 463 عازمين زميني رستن تان سعودي عرب پهتا، جڏهن ته 4 هزار 648 ماڻهو سامونڊي سفر مڪمل ڪري سعودي بندرگاهن تي پهچي چڪا آهن.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ حج جي ادائگي 26 جون کان شروع ٿيندي، سعودي حڪومت جي اندازي موجب هن سال 2.6 ملين ماڻهو حج ادا ڪندا.

Read Previous

گم ٿيل آبدوز کي ڳولڻ جي آخري ڪوشش، آمريڪي ٻيڙو وڏي مشينري کڻي پهتو

Read Next

سني ديول جي زال پٽ جي شادي جي تصويرن سبب ٽرول ٿي وئي

Most Popular